چيلهار لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ همراهه فوت

چيلهار (ن ع آ) چيلهار جي ڳوٺ ڦلجي جو تڙ جا رھيواسي پيء ۽ پٽ چيتن ڀيل پٽ سمھئيڙو ڀيل عمرڪوٽ مان موٽرسائيڪل تي  واپس گھر اچي رھيا ھئا تي عمرڪوٽ ٽو چيلھار روڊ تي رونٽيو اسٽاپ لڳ موٽرسائيڪل جو ٽائر پئنڪچر ٿي ويو ٽائر جو پئنڪچر ٺاھي گھر وڃي رھيا ھئا تي اوچتو ٻنھي ڄڻن تي ڪار چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ پيء پٽ سمھئيڙو ڀيل چيتن ڀيل ٻئي سخت زخمي ٿي پيا ٻنھي زخمين کي چيلھار اسپتال کڻي آيا چيلھار اسپتال ۾ سھولتون نه ھئڻ ڪري زخمين کي مٺي اسپتال رئيفر ڪيو ويو مٺي پھتل زخمي چيتن ڀيل جي حالت نازڪ ٿي وئي ايمرجنسي ۾ حيدراباد اسپتال کڻي وڃي رھيا تي چيتن ڀيل زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو فوتي جو لاش وارثن ڳوٺ ڦلجي جو تڙ گھر پھچايو جتي سمورو ڳوٺ سوڳوار ٿي ويو گهر ۾ قهرام مچي ويو جڏھن تي ڪار عمرڪوٽ جي مھيشوري برادري سان تعلق رکندڙ گريش مھيشوري جي ٻڌائي پئي وڃي.  جڏھن تي اھڙي واقعي بعد ڪار ذريعي ايڪسيڊنٽ ڪندڙ ڪار جا وارث صبح سوير فوتي نوجوان جي ڳوٺ ڦلجي جو تڙ گھر پهتا وارثن سان تعزيت ڪندي چيو اسانجي اوھانکان ڪا بي دشمني ناھي اچانڪ ٿي ويو آھي اسان بي ٻچن وارا آھيون توھان جي ڏُک ۾ اسان بي شريڪ آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.