نصير آباد ۾پوليس پاران شاگرد کنڀي گم، وارثن جو احتجاج

نصيرآباد(ن ع آ ) نصيرآباد لڳ ڳوٺ مندم خان کوسو جي رھواسي نائين ڪلاس جي شاگرد سردار علي جي گرفتاري خلاف سندس  پيءُ بالاچ خان کوسو، ڀاءُ صدام حسين کوسو، علي رضا کوسو، گلبھار کوسو، شمشاد علي کوسو ۽ ٻين تعلقہ پريس ڪلب نصيرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ گذريل سومر ڏينھن تي مان صدام حسين ۽ منھنجو ڀاءُ سردار علي مال پڙي تي مال کپائي موٽر سائيڪل تي واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين تہ بازاري ڪانڌڙا روڊ تي مسافر جي قبر وٽ پوليس اهلڪارن سٽي انچارج حبدار ٿھيم، جاويد سومرو ۽ بشير مسڻ اسان جو رستو روڪي موٽر سائيڪل جا ڪاغذ گھريا جيڪي اسان کين چيوسين تہ گاڏي جا ڪاغذ گھر پيا آهن .ان باوجود پوليس اهلڪارن منھنجي ڀاءُ سردار کي زور زبردستي گرفتار ڪري اسان جي کيسي ۾ پيل اڍائي لک رپيا پڻ ڦري ويا جڏهن اسان پنھنجي ڀاءُ کي ڇڏائڻ لاءِ ٿاڻي تي پھتاسين تي ايس ايڇ او نصيرآباد اسان کان ٽيھ هزار گھريا جيڪي ڏيڻ باوجود اسان جي ڀاءُ کي آزاد نہ ڪيو ويو پر ان مٿان سخت تشدد ڪري گم ڪيو ويو.  بعد ۾ اسان سيشن ڪورٽ قمبر ۾ درخواست داخل ڪرائي جتان جي جج صاحب سول ڪورٽ نصيرآباد جي جج ڪامران سنديلو کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو جنھن نصيرآباد ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر اسان جو ڀاءُ ٿاڻي تي موجود نہ هيو ۽ نصيرآباد پوليس جج صاحب کي ايف آءِ آر ڏيکاري تہ نوجوان تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل آهي هنن چيو تہ جيڪڏهن اسان جي ڀاءُ مٿان ڪيس داخل آهي تہ پوءِ ان کي ڇو گم ڪيو ويو آهي جنھن ڪري اسان کي خدشو آهي تہ پوليس اسان جي ڀاءُ کي ماري ڇڏيندي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کي اپيل ڪئي تہ اسان جي ڀاءُ کي آزاد ڪري ايس ايڇ او نصيرآباد ۽ سٽي انچارج حبدار ٿھيم کي فوري طور ھٽايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.