سينيٽ چونڊ، حڪومت سپريم ڪورٽ کي گمراهه پئي ڪري: رضا رباني

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن بابت صدارتي آرڊيننس بدديانتي تي ٻڌل آهي، سپريم ڪورٽ کي گمراهه  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته حڪومت اوپن بيلٽ تي آئيني ترميمي بلز پيش ڪيا، هي بلز قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ غور هيٺ آهي، وفاقي حڪومت آئيني ترميمي بل لاءِ پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ريفرنس ذريعي آئين ۽ پارليامينٽ کي غير واسطيدار ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي، حڪومت هاڻي يوٽرن وٺي رهي آهي ته سينيٽ اليڪشن آئين تحت ناهن ٿينديون، ترميم گهربل آهي. صدر علوي جيئن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪيو، ائين عدالت کي گمراهه ڪري پيو.

ٻارن سان زيادتي جا جوابدار رعايت جا حقدار نه آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ٻارن سان زيادتي جا جوابدار رعايت جي حقدار نه آهن، سپريم ڪورٽ ٻارڙي سان زيادتي جَي ڪيس ۾ جوابدار جي موت واري سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جوابدار حيدر عرف پپو گذريل سال جون ۾ ٻارڙي کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو، هاءِ ڪورٽ جوابدار جي موت واري سزا کي برقرار رکيو.

سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 17 مريض فوت، 1265 نوان ڪيس

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو انگ وڌي 3670 تائين پهچي ويو آهي ۽ 12461  ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1265 نوان ڪيس سامهون آيا وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو ته هن وقت 17295 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 16439 گهرن ۾، 11 آئسوليشن سينٽرن ۽ 845 مختلف اسپتالن ۾ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 756 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي حيدرآباد 62، ڄامشورو 28، شهيد بينظير آباد 19، شڪارپور 14، سانگهڙ 12، مٽياري 11، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو محمد خان 10-10، لاڙڪاڻو 8، سجاول ۽ عمرڪوٽ 6-6، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز 5-5، خيرپور ۽ بدين 4-4، گهوٽڪي 3، سکر 2۽ ٽنڊوالهيار 1 هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.