سنڌ ۾ ڪامورا شاهي جي سستي سبب جاري بجيٽ مان فقط60 سيڪڙو رقم خرچ

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ بيوروڪريسي جي تاريخي نا اهلي سبب مالي سال 2020/21ع جون ٻه ٽماهيون مڪمل ٿي وڃڻ باوجود سنڌ سرڪار جي کاتن جاري بجيٽ مان فقط 60 سيڪڙو رقم خرچ ڪئي  آهي،جڏهن ته 80 سيڪڙو بجيٽ استعمال ڪندڙ کاتن کي نئين ٽماهي ۾ پراڻا پئسا خرچ تائين نئين بجيٽ جاري نه ٿيندي،دستاويزن موجب ناڻي کاتي سنڌ صوبي جي سمورن کاتن ۾ ٻن ٽماهين ۾ مجموعي طور تي 60 ارب 82 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا جنهن مان سمورن کاتن جي بيوروڪريسي تاريخي نا اهلي جو ثُبوت ڏيندي ترقياتي اسڪيمن جي فنڊز جو سست رفتاري سان استعمال ڪيو آهي ۽ ٻن ٽماهين ۾ فقط 36 ارب 33  ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن جيڪا رقم جاري رقم جو فقط 60 سيڪڙو ٿئي ٿي،گُذريل ٻن ٽماهين ۾ سڀ کان وڌيڪ ورڪس ۽ سروس واري کاتي بجيٽ استعمال ڪئي،ناڻي کاتي ورڪس ۽ سروس کاتي کي 15 ارب 57 ڪروڙ جي ايلوڪيشن مان 11 ارب 81 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا پر ورڪس ۽ سروسز کاتي جاري بجيٽ مان 9 ارب 51 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن جيڪو جاري بجيٽ جو 78 سيڪڙو ٿئي ٿو،پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ کاتي کي 5 ارب 29 ڪروڙ ڪاري ڪيا ويا جنهن مان هن کاتي فقط 3 ارب 12 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا جيڪا رقم جاري رقم جو 59 سيڪڙو ٿئي ٿو،ٿرڪول  کي 1 ارب 29 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان ٿرڪول مختلف مدن ۾ 83 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن،سوشل پروٽيڪشن جي نالي تي 1 ارب جاري ڪيو ويو جنهن مان 41 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن،صوبائي اسيمبلي کي 51 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 37 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،صحت کاتي کي ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ارب 47 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان صحت کاتي فقط 1 ارب رپيا خرچ ڪيا جيڪو جاري رقم جو فقط 32 سيڪڙو حصو ٿئي ٿو،آبپاشي کاتي کي ناڻي کاتي ٻن ٽماهين ۾ مجموعي طور تي 9 ارب 38 ڪروڙ جاري ڪيا جنهن مان آبپاشي کاتي 7 ارب 32 ڪروڙ خرچ ڪيا آهن،آبپاشي کاتي کي مک ڪئنالن جي لائننگ جي نالي تي 2 ارب 30 ڪروڙ وري الڳ سان جاري ڪيا ويا جنهن مان آبپاشي کاتي وري 1 ارب 40 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن،ليبر کاتي کي هڪ ڪروڙ چاليهھ لک رپيا جاري ڪيا ويا ۽ ليبر کاتي سئو سيڪڙو رقم خرچ ڪري ڇڏي آهي،مڪاني ادارن واري کاتي کي ترقياتي جي بجيٽ جي مد ۾ 5 ارب 87 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا جنهن مڪاني ادارن واري کاتي 3 ارب 43 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن جيڪا رقم جاري پئسن جو 58 سيڪڙو ٿئي ٿي،تعليم کاتي سنڌ کي اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن لاءِ 8 ارب 55 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي 3 ارب 96 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن،ريڙھ واري هڏي جي حيثيت رکندڙ زراعت کاتي کي 72 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان زراعت کاتي جي رڪارڊ نا اهلي سبب فقط 16 ڪروڙ خرچ ٿي سگهيا آهن جيڪارقم جاري رقم جو فقط 23 سيڪڙو ٿئي ٿو

ثقافت کاتي ترقياتي بجيٽ خرچڻ ۾ تيزي آندي

ڪراچي: ثقافت کاتي سنڌ ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ ۾ تيزي آندي آهي،دستاويزن موجب ناڻي کاتي ثقافت کي  55 ڪروڙ جاري ڪيا جنهن مان وري ثقافت کاتي 40 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن،ٻي طرف گورنر سيڪريٽريٽ وري جاري 20 لکن واري رقم مان 20 لک ئي خرچ ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته فاريسٽ ۽ وائلڊ لائيف واري کاتي وري 26 ڪروڙن مان 20 ڪروڙ خرچ ڪري ڇڏيا آهن .

بحالي واري کاتي به بجيٽ استعمال ڪرڻ جو هنر نه ڄاتو

ڪراچي:سنڌ ۾ ٻوڏن يا مختلف آفتن کان متاثر ماڻهن جي بحالي واري ريهيبليٽيشن کاتي به نا اهلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،دستاويزن موجب ٻيهر بحالي واري کاتي کي 1 ارب 80 ڪروڙن واري ايلوڪيشن مان 57 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان کاتي ٻه ٽماهيون مڪمل ٿي وڃڻ باوجود فقط 1ڪروڙ 50 لک استعمال ڪيا آهن جيڪا رقم جاري رقم جو فقط 3 سيڪڙو ٿئي ٿي ۽ ايلوڪيشن جو فقط هڪ سيڪڙو ٿئي ٿي.

ٽرانسپورٽ کاتي جي نااهلي سبب فنڊ بهتر نموني استعمال نه ٿي سگهيا

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان ويندي ٽرانسپورٽ کاتي ۾ وڏا مسئلا ھُجڻ باوجود بجيٽ جو ٺيڪ استعمال نه ٿي سگهيو آهي،سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي نا اهلي سبب نه فنڊز بهتر نموني استعمال ٿي سگهيا ۽ نه ئي وري ڪنهن پلاننگ تحت پئس جو وڌيڪ استعمال ڪيو  ويو،ناڻي کاتي ٽرانسپورٽ کاتي کي 6 اربن جي وڏي ايلوڪيشن مان 1 ارب 7 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا جنهن مان ٽرانسپورٽ کاتو فقط 35 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري سگهيو آهي جيڪو جاري رقم جو رڳو 35 سيڪڙو ٿئي ٿو،ٽرانسپورٽ کاتي جي بهتر منصوبابندي نه هجڻ سبب ڪروڙين ماڻهون اربين رپيا بجيٽ باوجود سفري سهولتن کان محروم آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.