اجلاس مٿان اجلاس، وزيراعظم جو مچ سانحي جي متاثرن وٽ وڃڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي وزيرن جي اجلاس ۾ ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي وئي، جڏهن ته وزيراعظم جي ڪوئيٽا دوري بابت فيصلو ناهي ٿي سگهيو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد مچ سانحي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪومتي قاعدن موجب متاثرن جي مالي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وزيراعظم هدايت جاري ڪئي ته مستقبل ۾ا هڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ مستقل حل ڪڍيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هزاره برادري جي تحفظ لاءِ خصوصي سيڪيورٽي نظام بڻايو وڃي، بلوچستان ۾ امن ملڪي ترقي جي ضمانت آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سينيٽ چونڊن تي به مشاورت ڪئي وئي، مثبت معاشي صورتحال تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته وزيراعظم ڪوئيٽا ضرور ويندو. هن چيو ته مچ سانحي جا متاثر پنهنجي ڏک ۾ورتل آهن، انهن جو ڪو مطالبو سامهون ناهي آيو، ڪجهه ماڻهو سياست ڪري مونجهارا پيدا ڪندا آهن. شبلي فراز چيو ته هزاره برادري سان ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، مچ سانحي جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار پهچايو ويندو. هن چيو ته اسان کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن، ٻن سالن ۾ پاڪستان کي سوئيڊن نٿا بڻائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.