شاهد خاقان عباسي لنڊن پهچي ويو، نواز شريف سان ملاقات

لنڊن  ( م ڊ ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لنڊن پهچي ويو آهي، جتي هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن  موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم تحريڪ تي ڳالهيون ڪيون ويون.شاهد خاقان عباسي آمريڪا کان لنڊن پهتو آهي، جتي هو 2 ڏينهن رهندو. ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي 12 جنوري تي پاڪستان پهچندو. شاهد خاقان عباسي 24 ڊسمبر تي ڀيڻ جي عيادت لاءِ آمريڪا روانو ٿيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.