سپريم ڪورٽ ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار خلاف موت جي سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 7 سالن جي ٻاڙي سان زيادتي جي جوابدار جي موت جي سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ جوابدار جي درخواست جي ٻڌڻي جسٽس منظور ملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.

جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ شاهدين جو درست جائزو ناهي ورتو، جوابدارن جي خلاف خاص شاهديون موجود ناهن.

ايڊيشنل پراسيڪيوٽر عابد مرزا جو چوڻ هو ته جوابدار حيدر عرف پپو زيادتي کان پوءِ ٻارڙي کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو، ٽيسٽ ۾ جوابدار جو ڊي ايڇ اي به ميچ ٿيو، ٻاڙي جي ڪنڌ تان مليل نمونا به جوابدار سان ميچ ٿي ويا هئا.

عدالت عظميٰ جوابدار جي موت جي سزا خلاف اپيل رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ٻارڙين سان زيادتي جا جوابدار ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.