لياري گينگ وار جو سربراهه عذيربلوچ 3 ڪيسن مان بري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي عدالت لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ کي ٽن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.

عدالت قرار ڏنو ته فريادي عذير بلوچ جي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، عذير بلوچ تي پوليس مقابلي، قتل جي منصوبابندي ۽ هنگامي جا ٽي ڪيس هئا. شريڪ جوابدار اڳ ئي انهن ڪيسن مان آجا ٿي چڪا آهن.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوڊيشل ڪمپليڪس جي عدالت لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ جي ٽن ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته بنا شاهدين جي جوابدار کي سزا نٿي ڏئي سگهجي، پراسيڪيوشن جوابدار جي خلاف شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد نه هجي کيس جيل مان آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.