لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ن ليگ ايم پي اي منيرا يامين ستي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
ن ليگ اڳواڻ مائزا حميد گجر ايم پي اي منيرا يامين جي ڪورونا سبب لاڏاڻي جي تصديق ڪندي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو آهي.
هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پڻ منيرا يامين جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته منيرا يامين ستي راولپنڊي مان عورتن جي خاص سيٽ تي ڪامياب ٿي هئي.