سکر: موٽر وي پوليس پاران استادن کي روڊ حادثن کان بچائڻ لاءِ ليڪچر پروگرام

موٽر وي پوليس  پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻٻرلوءِ  جي استادن کي روڊ حادثن کان بچائڻ لاءِ هڪ ڏينهن  جو ليڪچر  پروگرام ڪيو ويو ،ان موقعي تي ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر زاهد نذير ورياه جي  نگرانيءَ هيٺ گورنمينٽ  بوائز هاءِ اسڪول ٻبرلوءِ جي استادن کي روڊ سيفٽي ۽ روڊ حادثن کان محفوظ رکڻ لاءِ ليڪچر  جو پروگرام ۽ شاگردن کي روڊ ڪراس ڪرڻ جي سکيا ڏيڻ لاءِ استادن کي عملي مشق پڻ ڪرائي وئي، ان موقعي تي موبائل ايجوڪيشن  جي آفيسرن انسپيڪٽر صلاح الدين ۽ محمد پرويز ڏهر ليڪچر ڏيندي ٻڌايو ته ٽريفڪ قانون تي عمل ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي زندگين کي روڊ حادثن کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، استادن کي روڊ سيفٽي بابت آگاهي، روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ محفوظ طريقي جي مشق جو مقصد ٻارن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.