راڌڻ ۾ زمين تي قبضي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف احتجاج

راڌڻ ( ن ع آ )راڌڻ لڳ ڳوٺ جلال جتوئي واسي وقار علي جتوئي، جلال خان جتوئي، مير هزار خان جتوئي، قادر بخش جتوئي ۽ حاجي حمزه خان جتوئي جي بيواهه هميره خاتون جتوئي پاران زرعي زمين تي قبضي موتمار ڌمڪين ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميڊيا کي  ٻڌايو ته حافظ محمد هاشم جتوئي اسان جي زرعي زمين تي ناجائز قبضو ڪري اسان جي ٻن ڄڻن حاجي ممتاز جتوئي ۽ سندس والد محمد موسيٰ جتوئي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرايو آهي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي، هنن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽  ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.