تعليم کي هٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي: سياسي سماجي اڳواڻ

چوهڙجمالي (ن ع آ) سنڌ ڪلچر فورم ضلعي سجاول پاران 8 جنوري تي ملهائجندڙ تعليمي هفتي جي جاڳرتا جي سلسلي ۾ چوهڙجمالي پريس ڪلب جي ڪانفرنس هال ۾ تعليمي بيٺڪ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ ڪلچر فورم جي اڳواڻ ناشاد ملاح پاڪستان سني تحريڪ جي صوبائي اڳواڻ مولوي منظور قادري جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ رحيم بخش جمالي پي پي شهيد ڀٽو تعلقي شاهبندر جي صدر گل حسن شاھه، پ ٽ الف شاهبندر جي جنرل سيڪريٽري محبوب شاھه، س ا س چوهڙجمالي جي سيڪريٽري ڪوي خاصخيلي، پيپلز ورڪر پارٽي جي اڳواڻ عزيز ڪلهوڙو، محمد سومار ڪيهر، صحافين سلطان فاروقي،قربان رند، نواز ملاح سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪيو وڃي پيو،ڪرونا ۽ لاڪ ڊائون جي آڙ ۾ سنڌ جون اسڪولز ڪاليج ۽ تعليمي ادارن کي بند ڪري تعليم جو ستياناس ڪيو ويو آهي حڪومتي جلسن ريلين مخالف ڌر جي لکين ماڻهن جي جلسن ۾ ڪرونا ناهي باقي صرف تعليمي ادارن ۾ ڪرونا ۽ لاڪ ڊائون آهي جيڪا افسوس جي ڳالھ آهي هڪدم سمورا تعليمي ادارا ايس اوپيز تحت کلڻ کپن ڪورونا ڊرامو بند ٿيڻ گهرجي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪابه بنيادي سهولت ناهي فرنيچر سميت استادن جي کوٽ جو سدائين الميو رهيو آھي بلڊنگون زبون حالي جو شڪار آھن اربين روپيه بجيٽ ھجڻ جي باوجود اسان جي اسڪولن جو معيار بهتر نه ٿي سگهيو آھي جيڪا انتهائي افسوس جهڙي ڳالھ آھي سنڌ حڪومت کوکلا اعلان ۽ واعده ڪري سنڌ جي تباھ ٿيندڙ تعليم تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو آھي هنن مطالبو ڪيو ته اسڪولن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري تعليم جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.