ڀرياسٽي ويجهو مارجي ويل 3 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارث سراپا احتجاج

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ دالي همبر ۾ 18 ڏينهن ڪلهوڙ برادري ۾ پراڻي سگاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٽن ڳوٺاڻن پيرسن غلام قادر ڪلهوڙو حفيظ ڪلهوڙو ۽ عبدالجبار ڪلهوڙو۔جي قتل ڪيس  ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتولن جي وارثن انٽر نيشنل جنرنلسٽ اڳواڻ سردار ممتاز انقلابي رفيق احمد ڪلهوڙو۔ عمران علي ڪلهوڙو۔ آفتاب علي عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي سوين ڳوٺاڻن بينر ۽ پلي ڪارڊ ڀرياسٽي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڀرياسٽي پوليس هن مهل تائين ناحق قتل ڪيل ٽن ڳوٺاڻن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ قاتل سرعام گهمي رهيا آهن اهي ڪيسن تان هٿ کڻن جي لاء ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن۔ هنن چيو ته ظالمن ظلم جي انتها ڪري اسان نوجوان کي گوليون هڻي ڪهاڙين جا وار ڪري زنده باهه ۾ ساڙڻ قتل ڪيو ويو آهي ۔ پر پوليس انتظاميه هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو۔ هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا قاتلن کي ڦورن گرفتار ڪري اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.