حڪومتي ڪارڪردگي ۽ ترجمانن جي فوج!

تحرير:شفيق الرحمان شاڪر

ڄاڻو ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي ٿيل گذريل اجلاس ۾ حڪومتي وزير مشير پاڻ ۾ اٽڪي پيا.اها صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن ريلوي کي ”ترقيءَ جي بلندين تي پهچائيندڙ“ اڳوڻي وزير ۽ هاڻوڪي گهرو وزير شيخ رشيد احمد اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا وارن دردناڪ واقعن تي اهي ريمارڪس ارشاد فرمايا ته ”اهڙا واقعا ته ٿيندا رهندا آهن.“ جنهن تي ڪجهه وزيرن سندس سٺي سار لڌي.بهرحال هاڻوڪي حڪومت هڪ اهڙو عجب تماشو لڳايو آهي جيڪو ماضيءَ جي ڪنهن به حڪومت نه لڳايو هو.هڪ ته هن حڪومت جنهن اها دعويٰ ڪئي هئي ته اجايا سرڪاري خرچ گھٽائي ڪفايت شعاري اختيار ڪئي ويندي تنهن وزيرن ۽ مشيرن جي ايتري ته فوج ڀرتي ڪري ڇڏي آهي جو ماڻهن کي انهن جا نالا به ياد نٿا رهن بلڪه ٿي سگھي ٿو ته حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن کي به هڪ ٻئي جا نالا ياد نه رهندا هجن.اهي ته ٿيا وزير ۽ مشير،ٻئي طرف حڪومت جا سون جي تعداد ۾ ميڊيا ترجمان مقرر ٿيل آهن جيڪي هر وقت ميڊيا تي اچي خان صاحب جون ”عظيم ڪاميابيون“ ٻڌائڻ سان گڏوگڏ حڪومت مخالف سياستدانن کي گٿا لفظ ڳالهائين ٿا.

خان صاحب حڪومت سنڀالڻ بعد جيڪو ڪم گھڻي ۾ گھڻو ۽ نهايت ئي ايمانداريءَ سان ڪيو آهي سو آهي انهن حڪومتي ترجمانن جا اجلاس منعقد ڪرڻ. ماڻهن کي گئس نٿي ملي،حڪومتي ترجمانن جو اجلاس شروع ٿيو وڃي.اٽو يا تيل وڌيڪ مهانگو ٿيو ته ترجمانن جو اجلاس،امن امان جي صورتحال خراب ته ترجمانن جو اجلاس،بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ وڌي ويئي يا کنڊ جو اگھه وڌي ويو ته ترجمانن جو اجلاس.ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپيو اچي پٽ پيو ته ترجمانن جو اجلاس.ملڪ تي ريڪارڊ قرض چڙهندا ٿا وڃن ته ترجمانن جو اجلاس.ماڻهو بيروزگاريءَ سبب خود ڪشيون ڪري رهيا آهن ته ترجمانن جو اجلاس.مطلب ته ملڪ ۾ ڪوبه مسئلو ٿي پوي خان صاحب جي ڊوڙ ترجمانن جي اجلاس سڏائڻ طرف!عوام ويچارو جيڪو ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ محتاج ٿي چڪو آهي سو انهن ترجمانن جا ڀاشڻ ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي چڪو آهي.نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻي جنهن به ٽي وي چينل تي انهن ترجماني جنن مان ڪو ويٺل نظر اچي ٿو ته ماڻهو اهو چينل ئي مٽايو ڇڏين.

مجال آهي جو خان صاحب جي صحت تي ڪو اثر پوي.اها ئي ڪاتي اها ئي وڍڻ جي وار يا وري انڌي ڪيئن چون انڌي ويران وير وڌ! سو هن پياري پاڪستان جو عوام هن ميڊيا واري سرڪار مان اڙجي ويو آهي ۽ منجھائس جان ڇڏائڻ جي گھٽي به نظر نٿي اچي.مزي جي ڳالهه اها ته ايترن سارن ميڊيا ترجمانن جي هوندي به ويچارو خان صاحب هميشه ”بي خبر“ ئي ثابت ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي اهم معاملن تي هو پاڻ فرمائي چڪو آهي ته کيس ”اها خبر ڏاڍي دير سان پيئي.“ انهيءَ مان لڳي ٿو ته هن وقت ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون جنهن دڳ تي وڃي رهيون آهن پڪ سان خان صاحب انهن کان به بي خبر ئي هوندو.اقتدار هڪ ظالم شئي آهي انهيءَ جي عينڪ مان سدائين سڀ ڪجهه صحيح نظر ايندو آهي.انهيءَ ڪري جيڪي چاپلوس ۽ خوشامدڙيا درٻاري هر حڪمران کي ميسر ٿين ٿا اهي ڪڏهن به ان کي گھٻرائڻ نه ڏيندا آهن.

دهليءَ جي آخري مغل حڪمران بهادر شاه ظفر جو واقعو ته گھڻن پڙهيو هوندو پر لڳي ٿو اسان جو حڪمران طبقو ڪڏهن به تاريخ مان ڪا به شئي نٿو سکي.ٺڳي،مڪاري،ڪوڙ ۽ دوکي ۽ چالاڪيء سان ڪجهه ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ ته بيوقوف بنائي سگھجي ٿو پر سڀني ماڻهن کي سدائين لاءِ چريو بنائي نٿو سگھجي.اها هڪ اهڙي ثابت ٿيل حقيقت آهي جنهن کي اسان جا جاهل حڪمران جيترو جلد سمجھي وٺن ته سندن توڙي ملڪ لاءِ اوترو ئي بهتر ٿيندو.سندن ڳالهيون ٻڌو ته سمجھه ۾ نه ايندو ته انهن تي روئجي يا کلجي؟ چون ٿا ته معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي،پوءِ وٽانئن پڇو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي ڪهڙي ڪن مان ٻاهر نڪري رهي آهي؟ جيڪر ترجمانن جي لفاظيت کي مڃجي ته پوءِ هئڻ اهو گھرجي جو ماڻهو روڊن رستن تي نڪري حڪومت جي ڪارنامن جا گيت ڳائي رهيا هجن.

هن وقت اپوزيشن روڊن ۽ رستن تي آهي،ظاهر آهي ته انهن جلسن ۽ جلوسن ۾ به ته ماڻهن جا انبوه آهن.ڇا اهي سڀ ماڻهو ملڪ دشمن ء۽غير ملڪي ايجنٽ آهن يا انهن سڀني ماڻهن تي به نيب جا ڪيس آهن يا اهو سمورو عوام به عمران خان کان اين آر او گھري رهيو آهي؟ جيڪر عوام حڪومت مان ايترو ئي خوش آهي ته اهو ان اپوزيشن جي ان تحريڪ جي مخالفت ۾ روڊن رستن تي ڇو نٿو اچي.خان صاحب! ڪجهه خدا جو خوف ڪريو.ماڻهن جي ستيا ناس ٿي چڪو آهي،خلق جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي،بک،بدحالي ۽ بيمارين ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.ڪڏهن تيل ۽ گئس جون قيمتون ٿيون چڙهن ته ڪڏهن بجلي پيئي مهانگي ٿئي.اٽو،گيهه ۽ داليون ڪٿي پهتيون آهن ان جي به ڪا خبر آهي اوهان کي؟انهن اڍائي سالن ۾ ماڻهن کي ڪا هڪ نئين نوڪري ڏيڻ بدران سرڪاري ادارن مان ماڻهن کي ڌڙا ڌڙ بيروزگار ڪيو پيو وڃي.اسلام آباد جهڙي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي هڪ ٻاويهه سالا نوجوان جي جسم ۾ 22 گوليون اوهان جا ادارا کپي ڇڏين ٿا ۽ اوهان جو وزير داخلا ٿو فرمائي ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن؟ اها آهي اوهان جي گورنس،ڪٿي آهي معيشت جي بحالي،ڪٿي آهن ادارن جا سڌارا،ڪيڏانهن ويئي غريب ماڻهن لاءِ سرڪاري هائوسنگ ۽ روزگار اسڪيم؟ ڪٿي آهي قانون جي حڪمراني ۽ ڪٿي آهن عدليا جا سڌارا؟ اهي سڀ دعوائون ڪنهن ٻئي نه پر خود خان صاحب ڪيون هيون.هاڻي ته حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن خلاف ڪرپشن جون جيڪي ڪهاڻيون بيان ٿي رهيون آهن اهي ته ٻڌي ڪري پوين حڪومتن جا سڀ ڏوهه گناهه به ماڻهن کي وسريو وڃن.مٿان وري دل جلائڻ جي ڳالهه اها ته ” بهتري جا مثبت اشارا ملي رهيا آهن.“ اشارا ته ٻيا به ڪيترائي ملي رهيا آهن پر شايد خان صاحب يا ته انهن اشارن کي سمجھڻ کان قاصر آهي يا وري هو ڏسي وائسي اهي اشارا سمجھڻ نٿو گھري.سو واضح اشارا ته اهي ئي آهن ته ميڊيائي  ترجمانن جي ان فوج ذريعي پنهنجي تعريف،توصيف ۽ مدحت ته ڪرائي سگھجي ٿي پر حڪومت ۽ رياست کي هلائڻ لاءِ ڪا ٻي صلاحيت گھربل ٿئي ٿي ۽ بد قسمتيءَ سان خان صاحب توڙي سندس اهي ترجمان انهيءَ صلاحيت کان بلڪل ڪورا نظر اچن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.