صاف پاڻي ڪيس: شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( م ڊ ) صاف پاڻي ڪمپني ڪيس ۾ لاهور جي احتساب عدالت شهباز شريف جي  نياڻي ۽ ناٺي کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا،عدالت پاران ٻنهي جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا.عدالت حڪم ڏنو ته  ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري 23 جنوري تي پيش ڪيو وڃي. احتساب  عدالت جي جج امجد نذير چوڌري  ريفرنس  جي ٻڌڻي ڪئي، نيب شهباز شريف جي نياڻي ۽ ناٺي جي خلاف صاف پاڻي ڪمپني  جو ضمني ريفرنس داخل ڪيو آهي.جوابدارن  تي قومي خزاني  کي ڪروڙين رپين جي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي

بٽ ڪوائن جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ماسڪو(م ڊ) ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن جو اگهه 6.42 سيڪڙو جي اضافي سان  پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح 34 هزار 76 ڊالر في ڪوائن جي سطح تي پهچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق گذريل ڏينهن بٽ ڪوائن جي اگهه ۾ 6.42 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 34 هزار 76 ڊالر تي پهچي وئي جيڪا هن وقت تائين جي بلند ترين سطح آهي. واضع رهي ته 2008 ۾ شروع ٿيل ڊيجٽل ڪرنسي بٽ ڪوائن جي اگهه ۾ گذريل سالن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.