ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي جو پوٽو زين آفندي قتل

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي سنڌ مدرسي يونيورسٽي جي باني حسن علي آفندي جي پوٽي 50 ورهين جي  زين حسن علي آفندي پٽ ذوالفقار حسن علي آفندي کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعو ڦر يا  ٽارگيٽ ڪلنگ هو پوليس ان تنيجي تي پهچي نه سگهي. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ گهري ورتي، گذريل اربع واري ڏينهن صبح جو سوير قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار ۽ پيپلز چورنگي ويجهو قائم بنگلي ۾ 5 هٿياربند داخل ٿي نوڪرن ۽ گارڊن کي رسن سان ٻڌي واردات ڪئي، پوليس ٻڌايو ته صبح جو 4 وڳي 5 هٿياربند بنگلي ۾ داخل ٿيا، جيڪي تقريبن 55 منٽ بنگلي اندر موجود رهيا، واردات وقت زين آفندي ۽ سندس گهر ڀاتي موجود هئا. يرغمال بڻايل ملازمن موجب زين آفندي پنهنجي بيڊ روم جو دروازو اندارن لاڪ ڪيو. پر هٿياربندن ٽوڙي ڪمري ۾ داخل ٿيا، زين آفندي هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي جنهن کي کيس 6 گوليون هنيون ويون جن مان هڪ گولي سندس منهن ۾ لڳي، پوليس ٻڌايو ته گهر ڀاتين ۽ ملازمن بيان ڏنو آهي ته هٿياربندن گهر مان سونا زيور، روڪ رقم 2 موبائل فونز ۽ ٻيو قيمتي سامان کنيو، زين علي حسن آفندي آءِ ٽي ۽ فوڊ ڪمپني هلائيندو هو، جڏهن ته دادو جي ڀانن ۾ سندس سوين ايڪڙ زمين به آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته زين حسن آفندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو مائٽ پڻ هو. ذريعن موجب مزار قائد ريڊ زون آهي جڏهن نمائش چورنگي وٽ مذهبي جماعت جي ڌرڻي سبب ان علائقي ۾ سيڪيورٽ هاءِ الرٽ هجڻ باوجود واقعو پيش آيو. جمشيد ڪواٽر پوليس موجب وارات ۾ وائيٽ ڪورولا گينگ ملوث آهي، جوابدارن کي شلوار قميص ۽ جوگرز پاتل هئا.  واقعي بعد علائقي ۾ ڏک واري صورٽهال هئي سندس جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ گهري ورتي آهي. جڏهن ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه زين آفندي جي گهر پهچي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير زين آفندي جي پوئرن کي چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو.   هوڏانهن سي پي ايل سي جو اڳوڻو چيف جميل يوسف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير الزمان زين آفندي  جي گھر پهتا ۽ هنن مقتول جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زين آفندي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قاتل جلد قانون جي گرفت ۾ هوندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.