اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ 221 ٿرپارڪر ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، 21 فيبروري تائين تڪ ۾ وفاقي ،صوبائي ۽ مڪاني حڪومتن جي ترقياتي اعلانن تي به پابندي هوندي.ٿرپارڪر جي تڪ 221 ۾ ننڍي چونڊ سبب مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وئي آهي.ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن اين اي 221 ٿرپارڪر ۾ ننڍي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو هو.قومي اسيمبلي جي سيٽ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي پير نورمحمد شاهه جيلاني جي وفات سبب خالي ٿي هئي.