سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ جي اسڪروٽي مڪمل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. چيف  اليڪشن ڪمشنر سردار سڪندر سلطان راج جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾پرڏيهي فنڊنگ ۽ مڪاني چونڊن جي تيارين تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن ڇنڊ ڇاڻ واري عملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هدايت ڪئي ته ووٽر لسٽن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چونڊ فهرستن ۾ فرق 10.7 رهجي ويو آهي، 2011 ۾ فرق 11.7 هو. چيف اليڪشن ڪمشنر هدايت ڪئي ته ان ضلعن کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي، جتي اڌ آبادي کان وڌيڪ فرق آهي. اليڪشن ڪميشن کي پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس تي به بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ڪميٽي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ هيل تائين جي ڪم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڌرين جا وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهن، ان ڪري گهڻو وقت نٿا ڏين. اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته اسڪرونٽي ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ ڪم مڪمل ڪري، سياسي پارٽين جي اسڪرونٽي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.اجلاس ۾پنجاب جي مڪاني ادارن واري سيڪريٽري مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته اين سي او سي ڪورونا وائرس سبب مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته پنجاب حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ سنجيده نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.