”کنڊ مافيا جون پاڙون اڃا مضبوط آهن“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن جي رکيل استعيفائن تي ڌوڙ ڄمي وئي آهي ۽ بادشاهه زادي شهر شهر گهمي رهي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته کنڊ مافيا سئو سيڪڙو ختم ناهي ٿي، ان جو پاڙون اڃا مضبوط آهن پر اسان مافيا کي شڪست ڏينداسين.

هن چيو ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جون شگر ملون ناهن، شريف خاندان ۽ زرداري جي کنڊ ۾ ڳٺ جوڙ آهي.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ”مين نهين مانتا، مين نهين جانتا“ جو راڳ الاپي رهيو آهي ۽ حبيب جالب جو روح تڙپي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.