بلغاريه ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بلغاريه ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير اي ايس بابر هاشمي جي خلاف نيب ڪرپشن ريفرنس داخل ڪري ورتو.

 تفصيل موجب بلغاريه ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي فنڊن ۾ ڪروڙين جي ڪرپشن جي انڪشاف کان پوءِ نيب راولپنڊي بلغاريه ۾ اڳوڻي سيف اي ايس بابر هاشمي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو، سفارتخاني جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ طفيل قاضي کي به ڪرپشن ۾ سهڪار تي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اي ايس بابر هاشمي ۽ طفيل قاضي 2016ع کان 2018ع تائين ڪرپشن ڪئي، جوابدارن سفارتخاني جا فنڊ ذاتي استعمال ۾ آندا، ايمبسي جا فنڊ ڪڍرائي چيف اڪائونٽنٽ وٽ ڪا به رسيد جمع نه ڪرائي ويندي هئي.

نيب جو چوڻ آهي ته نئين اڪائونٽنٽ جي بلغاريه ۾ مقرري کان پوءِ فنڊن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو، ۽ بلغاريه ايمبيسي ۾ ڪرپشن جو معاملو پرڏيهي کاتي پاڻ جاچ لاءِ نيب ڏانهن موڪليو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.