ڇاڇري لڳ آر او پلانٽ خراب، ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ پريشان، احتجاج

ڇاڇرو(رپورٽ:يعقوب بجير ) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ٽڳٺيو جو آرو پلانٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان خراب پيل  جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي اڻ حوالي سان  رهواسين بابو مڏو جي اڳواڻي ۾ ڀٽو مڏو،ساجن مڏو،ڪرم علي مڏو، معشوق مڏو،شهمير مڏو ۽ ٻين ٽائر ساڙي پبلڪ هيلٿ انتظاميه ۽ نجي ڪمپني پاڪ اوسيئس خلاف احتجاج ڪيو ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجي ڳوٺ ۾ لڳل آر او پلانٽ خراب پيل آهي پيئڻ جي پاڻي لاء سخت پريشان آهيون اسان آرو پلانٽ انتظاميا کي شڪايتون به ڪيو ان باوجود آرو پلانٽ جي مرمت ناهي ڪئي ويئي   آر او پلانٽ خراب هجڻ ڪري کوهن جو زهريلو  کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهيون جنهن سبب ڪيئي بيماريون جنم وٺي سگهن ٿيون هنن سيشن جج ٿرپارڪر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي خراب پيل آر او پلانٽ فعال ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن کوهن جو پاڻي پيئڻ  جي ڪري پيئدا ٿيندڙ بيمارين کان بچي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.