جهول ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا، فنڊن ۾ گهوٻين جو انڪشاف

جهول (ن ع آ ) جھول ڀرپاسي ۾ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ٿيو. يونين ڪائونسلن جنهن ڀڙو؛ ولي محمد ڪيريو؛ عباس آباد؛ صبغت ﷲ شاهه راشدي ؛گهنڊڻ ؛ڪرڪلي ؛سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ناهن ٿيا هر يونين ڪائونسل ۾ ايندڙ ماهانه پنج لک ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن ڪو به پڇڻ وارو ناهي. يونين سيڪريٽري پاران پنهنجي تعلقن جي مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن سان مبينا طور ملي ڪوڙا بل ٺاهي لکين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن جڏھن ته چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ باوجود عوام جي ڪنهن به سار نه لڌي رهواسي بنيادي سهولتن کان وانجھيل جنهن رستا گليون گهٽيون وغيره ٽٽل ڦٽل علائقي واسين لاءِ اچڻ وڃڻ مشڪل بڻجي ويو آهي جڏهن ته گڙنگ روڊ؛ ٻوٻي روڊ؛ شگر مل روڊ؛ ساڏوڻي روڊ تباہ هال آهن رستا روڊ اجڙي ويا آهن پر ڪو به چونڊيل نمائندو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي عوام ٽٽل رستن روڊ تي هلڻ تي مجبور روڊ ٽٽڻ جي ڪري حادثہ روز جو معمول بڻيل آهن ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ايندڙ ڪروڙين رپيا ڪٿي گم ٿي رهيا آهن ڪا به آڊٽ ناهي عوام جي ڀلائي روڊ صفائي تي خرچ ٿيڻ بجاءِ مالي غنيمت سمجهي لٽئين هڙپ ڪيو پيو وڃي نيب؛ انٽي ڪرپشن ادارا ڇو خاموش بڻيل آهن.

 

احتساب صرف سياستدانن جو ٿي رهيو آهي ڇا ڪرپٽ آفيسرن کي ڪهڙي آئين ۽ قانون موجب ڇوٽ ڏنل آهي خدارا عوامي ڪروڙين رپين جي خڙد بڙد جو نوٽيس وٺي يوسي سطح تي جانچ ڪري ملوث عملدارن کي سخت سزا ڏني ڪرپشن ٿيل ڪروڙين رپيا واپس ڪرائي علائقي تي دبارا خرچ ڪري علائقي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.