مچ واقعي خلاف ميرپورساڪري ۾ شيعا تنظيم جو احتجاج

ميرپور ساڪرو( ن ع آ ) ميرپور ساڪري ۾ مچ واري دھشگردي واقعي جي خلاف ۽ مجلس وحدت المسلمانين پاران ميرپور ساڪري جي امام بارگاه کان مين بس اسٽاپ تي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو انهيَ موقعي تي عرض محمد جعفري راجا شاه مقبول گريزدي ڌڻي بخش لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته مچ واقعي تي تمام گھڻو ڏک پھتو آهي پر وفاقي حڪومت جو ڪمانڊر وزيراعظم عمران خان انهن خاندانن وٽ وڃڻ لا تيار ناهي.  ھن سرڪار جي نااھلي جي ڪري ھر روز اھڙا واقعا ٿي رھيا آهن ملڪ جو امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي وڃي ھنن چيو ته متاثر خاندان پنهنجي پيارن جا لاش روڊن تي رکيو احتجاج پيا ڪن حڪومت ھنن جا مطالبا ٻدڻ لا تيار ناهي پي ٽي آئي سرڪار رياست مدينا جو درس ڏيندي ھئي پر ھنن ته ڪنهن جي زخمن تي مرھم به ناهي رکيو ھنن مطالبو ڪيو آهي ته مچ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.