منهڙي لڳ سن مائنر کي 2 فٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

منھڙو ( ن ع آ ) منھڙو ڀرسان يوسف ڏاھري موري کان روھڙي ڪئنال مان نڪرندڙ سن مائنر کي ڳوٺ پينل ڏاھري وٽان آر ڊي 14 کان 2O فٽ گھارو پئجي ويو گهارو پوڻ سبب ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا اطلاع ملڻ باوجود گھاري کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪو به آبپاشي عملدار نه پھتو ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ  گھاري کي بند ڪري ورتو ياد رھي ته ڪجھه سال پھريان سن مائنر کي مڪمل پڪو ڪيو ويو ھو  جنھن ۾ ٺيڪيدار ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن ملي ڀڳت ڪري ناقص مٽريل استعمال ڪيو ھو جنھن سبب سن شاخ کي گھارا پوڻ روز جو معمول بڻيل آھن، هتان جي رھواسين پاران فوري طور تي سن مائينر کي پڪو ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف فوري طور قانوني ڪاروائي ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.