سياسي جماعتون عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ناڪام رهيون آهن: امر لال

لاهور (پ ر) سوشل ڊيموڪريٽڪ فورم پاڪستان جي روح روان ۽ ترقي پسند اڳواڻ ڪامريڊ امر لال چيو آهي ته سياسي جماعتون عوامي  مسئلا حل ڪرڻ ۾ناڪام ٿينديون پيون وڃن، ان ئي بنياد تي عوام انهن کان لاتعلق ٿيندو پيو وڃي، جڏهن هو عوام کي ڊيليور ڪرڻ شروع ڪندا ته عوام به کين جوائن ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو. صحافين سان ڳالهائيندي ڪامريڊ امر لال چيو ته عوام کي مهانگائي، بيروزگاري صحت ۽ تعليم جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر سياسي پارٽيون کين نعرن کانسواءِ ڪجهه به نه پيون ڏين، سياسي پارٽين وٽ بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جو ڪو پروگرام ناهي، سياسي پارٽين کي ان صورتحال کي سمجهڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ڊيموڪريٽڪ فورم پاڪستان بنيادي طور هڪ ٿنڪ ٽينڪ آهي، جنهن ۾ملڪ ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي حوالي سان غور ڪيو ويندو آهي ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو رستو ڳوليو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.