غوثپور ۾ ڪتن جو آزار، ٻن ڏينهن ۾ 10 ڄڻا ڏاڙهجي ويا

غوثپو( رپورٽ عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو. روزانه ڪيترائي  ڪيس اسپتال اچڻ لڳا عوام سخت پريشان۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب. گذريل ڪجھ عرصي کان ھڪ ڀيرو وري رولو ۽ ڇتڻ ڪتن جي ڏاڙھجڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ سان علائقي جو عوام خوف ۾ وٺجي ويو۔ رورل ھيلٿ سينٽر مان مليل تفصيل موجب  گذريل ٻن ڏينھن ۾ ڏھ نوان ڪيس سامھون آيا آھن جنھن ۾ ڳوٺ رئيس مبارڪ ڀيو جو رھواسي شھزادو ڀيو۔ بشڪ علي بھلڪاڻي جو رھواسي ياسين ڏاھاڻي۔ جمعو خان جو رھواسي نوردين اوڳاھي۔ واحد بخش بجاراڻي جو رھواسي عبدانبي ملڪ۔ بگن خان بجاراڻي جو رھواسي گلبھار خان۔ ڪچو جي رھواسي مسمات ڪيچي جاگيراڻي۔ غوثپور جي مکي پاڙي جو رھواسي صدام اوڳاھي۔ اياز اوڳاھي ۔ نينگري شازيه اوڳاھي ۽ ڳوٺ آدم اوڳاھي جو رھواسي نينگر امتياز اوڳاھي شامل آھن ۔.  سڀني ڪتي جي ڏاڙھيل مريضن کي سندن وارث غوثپور جي سرڪاري اسپتال  آندو جتي  کين وئڪسين لڳرائي گھر روانو ڪيو ويو۔ ٻئي پاسي شھر جي سماجي حلقن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور تي زور ڀريو آھي ته ڇتن ۽ رولو ڪتن جي خاتمي لا۽ جوڳا قدم کڻي شھرين کي تحفظ ڏنو وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.