خيرپور پوليس 4 ڏينهن کان 2 نوجوان گم ڪري ڇڏيا، هاف فراءِ جو خدشو، احتجاج

خيرپور ( رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو ) شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس خلاف ڳوٺاڻن مختيار سولنگي، اختيار سولنگي لعل ڏنو سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس  موٽر سائيڪل تي سوار ٻن نوجوانن الله ڏنو ۽ سجاد سولنگي کي چيڪنگ بهاني روڪڻ بعد کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي چار ڏينهن گذرڻ باوجود ظاهر نه ڪيو ويو نه ئي وري پوليس ٻڌائڻ جي لاءِ تيار آهي اسان کي شڪ آهي ته پوليس اسان جي نوجوانن کي هاف فرائي نه ڪري ڇڏي اسان جا نوجوان بيگناھ آهن، هنن چيو ته پوليس ظلم ڪري رهي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ  ۽ ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جو مطالبو ٿا ڪيون ته نوجوانن کي ازاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.