جوهي لڳ گهر تي چڙهائي، ناري اغوا، پوليس خاموش

جوهي ( ن ع آ  )  جوهي لڳ  ڳوٺ حافظ فيض محمد لنڊ جي رهواسي  حاجي مولا بخش لنڊ مبينه اغوا ڄاڻايل ڌي جي بازيابي لاءِ   جوهي ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا  اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته گذريل  رات جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد لنڊ ۾ رات نا معلوم هٿيار بندن گهر تي چڙھائي ڪري منهنجي شادي شده ڌي ثميران کي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن اهڙي اغوا بابت جوهي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي، مگر جوهي پوليس رات ڏينهن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هن چيو ته منهنجو نياڻو ڌڻي بخش لنڊ جيڪو سعودي عرب ۾ ڪمائيندو آھي. ، اسان جي غير موجودگي ۾ ھٿيار بندن منهنجي نياڻي اغوا ڪري ظلم ڪيو آھي آخر ۾ ھن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ڌي کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.