سنڌ ۾ 15 جنوري بعد ڪورونا ويڪسين پهچي ويندي: عذرا پيچوهو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وئڪسين جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا، 15 جنوري بعد ويڪسين پهچي  ويندي، پهرين مرحلي ۾ فرنٽ لائين تي موجود ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ويڪسين لڳائي ويندي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪيسن لڳائڻ جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن وفاق پاران اها خبر آئي آهي ته ويڪسين اچڻ ۾ اڃا دير لڳندي، ٻڌايو پيو وڃي ته 15 جنوري بعد ويڪيس پهچي ويندي، اميد آهي ته وفاقي حڪومت جلد ويڪسين مهيا ڪرڻ جا انتظام ڪندي. ويڪسينيشن پالسي جي لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ سان به مشاورت جاري آهي. صحت کاتي پاران ويڪسين مئنيجمينٽ سسٽم جوڙيو ويندو جنهن سان ويڪسين جي ٽريڪنگ به ڪئي ويندي، ان نظام سان ويڪسين جي استعمال ۽ دستيابي بابت معلوم ٿي سگهندو .پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدر آباد بعد ۾ هر ڊويزن ۾ ڪورونا وئڪسين جا انتظام ڪيا ويندا، هن چيو ته وئڪسين نيٽ روڪ جو انتظام هر ضلعي ۾ ڪيو ويندو، صوبائي وزير چيو فرنٽ لائين ڊاڪٽر ۽ ورڪرن کي پهرين ويڪسين لڳائي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.