سکر ۾گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پاران گھنٽاگھر چوڪ وٽ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ واپاري اڳواڻ جاويد ميمڻ ، شھري اتحاد جي اڳواڻ مولانا عبيد الله ، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر وارن علائقن ۾ هٿرادو سوئي سدرن گيس ڪمپني پاران لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنھن سبب شھرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، سندن چوڻ هو ته گئس جو پريشر نه اچڻ ڪري شهري صبح سان ناشتو ڪرڻ بنا ڊيوٽين تي وڄڻ تي مجبور آھن ،
ھنن گھر ڪئي ته گئس جي لوڊشيدنگ ختم ڪري شھرين کي گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي .