”هزاره برادري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ پوليس فائرنگ ۾ فوت ٿيل نوجوان اسامه ستي کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي باري م چيو آهي ته اهڙا بي رحم پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شيخ رشيد احمد مچ مقتولن جي وارثن سان ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو. بابر اعواڻ اسامه ستي جي والدين جو موقف ڪابينا ۾ پيش ڪيو. ڪابينا مڇ حملي ۽ اسامه ستي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وزير اعظم عمران خان چيو ته اهڙا بي رحم ماڻهو پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن، حڪومت مچ حملي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي.

شيخ رشيد احمد بلوچستان ۾ ايف سي جي شهيد اهلڪارن، اسلام آباد ۾ فوت ٿيل اسامه ستي ۽ هزاره ڪميونٽي جي شهيدن جي لاءِ دعائون ڪرايون.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزير اعظم عمران خان کي ڪوئيٽا دوري تي رپورٽ ڏني جڏهن ته ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.