اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊيم ايم) کي اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي.
وزير اعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ اليڪشن ڪميشن جي آڏو پي ڊي ايم جي احتجاج واري معاملي به ڳالهيون ڪيون وينديون.
وزير اعظم پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج جي اجازت ڏيندي چيو ته ڪنهن کي شوق آهي ته هو پورو ڪري وٺي، احتجاج ۾ ڪنهن قسم جي ڪا به رنڊڪ نه وڌي ويندي، پر ڪنهن کي قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي.