نوري آباد لڳ پيرسن جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

نوري آباد (ن ع آ   ) نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾  موٽروي روڊ تي پاڪ ايشيا ھوٽل ڀرسان  55 ورھين جي پيرسن نامعلوم شخص جو لاش  ھٿ آيو اطلاع تي نوري آباد پوليس ايدھي رضاڪارن جي مدد سان لاش کي نوري آباد ٿاڻي تي منتقل ڪيو جنھن بعد لاش ٿاڻوبولاخان جي تعلقه اسپتال مان ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش کي ايدھي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جن حيدرآباد جي سرد خاني ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نٿي سگھي ھوڏانھن نوري آبادپوليس موجب فوتي شخص ڪو پينو فقير لڳي ٿو جيڪو پيادل سفر ڪري روڊ تي ڪنھن نامعلوم گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.