ڪراچي ۾ عورت ٻن ورهين جي ڌيءُ کي چوٿين ماڙ تان ڦٽو ڪري پاڻ به ٽپو ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ عورت پنهنجي ننڍڙي ڌيءُ کي چوٿين ماڙ سان ڦٽو ڪري پاڻ به ٽپو ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب عورت کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي مريم، جڏهن ته سندس ڌيءُ جي سڃاڻپ 2 ورهين جي ايمان جي نالي سان ٿي آهي.

واقعي جي ويڊيو پڻ منظر تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ عورت عمارت جي گيلري تان اڳ ۾ ٻارڙيءَ کي ڦٽو ڪيو، جنهن کي ماڻهن پڪڙي ورتو ۽ هوءَ بچي وئي، پوءِ عورت پاڻ به ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن سبب سندس ڄنگهه ڀڄي پئي.

پوليس شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته عورت جي گهرڀاتين موجب هوءَ منشيات جي عادي آهي ۽ منشيات کان روڪڻ لاءِ کيس ڪمري ۾ بند ڪيو ويو هو.

پوليس موجب عورت جو پهريون مڙس اڳ ئي مري چڪو آهي ۽ هن جي ٻي شادي ٿيل آهي.

هوڏانهن هڪ پاڙيسري جو چوڻ هو ته عورت کي مڪان مالڪ هڪ مهيني جو نوٽيس ڏنو هو، اسان ڪڏهن به عورت جي مڙس کي ناهي ڏٺو، ان جا ڪجهه ٻار مائٽن وٽ رهندا آهن.

سندس موجب عورت جڏهن ٻار کي اڇلائي رهي هئي ته اسان گاڏي جو ڪپڙو کولي بيهي رهياسين، ٻارڙي ڪپڙي تي اچي ڪِري ۽ کيس ڌڪ نه لڳا، جڏهن ته عورت ٽپو ڏيڻ کانپوءِ تارن ۾ وچڙي هيٺ ڪري، جنهن سبب ان کي گهٽ ڌڪ لڳا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.