ميڊيڪل ٽيسٽ نتيجن ۾ سنڌي شاگردن سان ناانصافي خلاف سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي پي ايم سي  پاران سنڌجي شاگردن سان انٽري ٽيسٽ ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽  ايس ايم سي  کي بحال ڪرڻ واري مطالبي لاءِ  سنڌ ۾ مظاهرا، پريس ڪلب حيدرآباد آڏو چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سھيل ڀٽو، روزينا گھانگھرو،تبسم ملاح ،انمول انيل ،حب علي، دودو ديشي ،ڪامريڊ عاقب جي اڳواڻي ۾ سنڌي شاگردن جي ميرٽ تي ڌاڙي خلاف سخت احتجاج ڪندي شديد نعريبازي ڪئي وئي، ڪراچيء ۾ طارق خاصخيلي ۽ حمز علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾  سکر ۾ ماجد ڏنور جي اڳواڻي ۾  لاڙڪاڻي ۾ علي رضا ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ،ٽنڊوڄام صدام ڀٽو محبوب جتوئي جي اڳواڻي ۾  ملير ۾ شيراز خاصخيلي بدين ۾ ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي مورو ۾ سينگھار چانڊيو، جسقم جي اشرف لغاري،شاھنواز سنڌي، ڪنڊيارو ۾ حبدار ملاح  نوشھروفيروز ۾ نور راڄپر فراز مستوئي ميرپرخاص،  ميھڙ ۾ ابو طالب ٻگھيو ، گولاڙچي ۾ عبداللطيف  گھوٽڪي ۾ نصرالله ڪالادي،  ڏھرڪي ۾ اياز خان شر مير حسن لاشاري اٻاوڙو ۾ بھادر لولائي، آصف فاروقي خانپور مهر۾ دودو مھر  قمبر ۾ فدا پنھور  ماتلي ۾ فيصل رستماڻي ونوڌ ڪمار پنو عاقل ۾ ربنواز ملاڻو ڪنري ۾ وقار خاصخيلي ٽنڊو باگو ۾ منصور گرگيز شھباز سنڌي دڙو ۾ راجا حمير ۽ شوڪت سومرو ٻيلو (سجاول) ۾ ارشاد خاصخيلي لالو رائنڪ ۾ اسد مغيري ٽنڊو محمد خان ۾ علي خاصخيلي ۽ حسنين خاصخيلي ميرپور بٺورو ۾ عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي اڳواڻيء ۾  پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا جنھن ۾ وڏي انگ ۾ سنڌ جي شاگردن سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي شاگردن کي تعليم کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاق طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جو قيام ۽ ٽيسٽ جا نتيجا ان جو مثال آهن، هنن چيو ته پي ايم سي طرفان تازو ورتل ٽيسٽ ۾ سنڌ جي شاگردن جي حقن تي وڏو ڌاڙو هنيو ويو آهي، سنڌ جي شاگردن جي اڪثريت کي هٿ سان فيل ڪري انهن جي سيٽ نمبرن تي ٻين صوبن جي شاگردن کي پاس ڄاڻايو ويو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پنجاب ۽ ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏني ويندي،ٺل ۾ ارشاد ڪنراڻي،وھاب ڪنراڻي،سنسار بلوچ،زاھد ڪنراڻي،نوح خان نوناري اوٻاوڙو ۾ لا لا شمن سنڌي زوھيب حسين دايو  لاڙڪاڻي ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن خان غفار خان، ڊاڪٽر عمران ٻرڙو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ نويد ڪلهوڙو، علي زيب، مدثر مجتبيٰ، ثاقب عباسي، قومي عوامي تحريڪ جي غلام شبير جتوئي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر صدام کوسو، ڪيو اي ٽي ضلعي صدر جميل احمد ميمڻ، غلام شبير جتوئي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.