روس ۾ ڪورونا ويڪسين جي عوامي سطح تي فراهمي شروع

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي حڪومت ڪورونا خلاف اندرين سطح تي تيار ڪيل ”اسپٽنگ وي“ نالي ويڪسين جي فراهمي اڄ ڇنڇر کان شروع ڪر ي ڇڏي.

روس جي سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر ماسڪو ۾ 70 ڪلينڪس شهرين کي اها ويڪسين ڏئي رهيون آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته طبي ورڪرز، استادن ۽ سوشل ورڪرز کي سڀ کان پهريان اها ويڪسين ڏني ويندي، اها ويڪسين 21 ڏينهن جي فرق سان ٻن خوراڪن ۾ ڏني ويندي آهي.

هوڏانهن اولهه ملڪن جي سائنسندانن ۽ طبي اختيارين روس طرفان ويڪسين جي تڪڙي تياري ۽ فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.