ڪي اين شاهه ۾ هوٽل مالڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪيس داخل

خيرپور ناٿن شاهه ( ن ع آ )  خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ فتح پور ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل هوٽل مالڪ 32 ورهين جي  نوجوان راجا لانڊر جي قتل جو ڪيس خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي تي مقتول جي پيءُ علي رضا لانڊر جي فرياد تي ٽن جوابدارن جانب ڏيپر، احسان عرف فهو ڏيپر، مرتضي’ ڏيپر مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته چار سال اڳ ڪبوترن جي معاملي تان جوابدارن سان منهن جي پٽ جي منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد اسين هنن سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ چوندا هياسين پر هنن ٺاهه ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو ۽ ڳوٺ مان لڏي فريد آباد ڀرسان ڳوٺ ڪيهري وڃي ويٺا آھن ٽي ڏينهن اڳ منهنجو پٽ راجا پنهنجي هوٽل تي ويٺو هو ته ٽئين جوابدار موٽر سائيڪل تي چڙھي پٽ راجا کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا  هوڏانهن خيرپورناٿن شاھ پوليس ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي، رابطي تي ايس ايڇ او غلام حيدر پنهور ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آھن، پر هو هٿ نه اچي سگهيا آھن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.