فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي حڪومت جي ترجيح آهي: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي.

سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سڌُ سماءَ واري وزير کي فلمي صنعت جي مسئلي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو ته اسان فلوم سازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا ان ڏس ۾ حڪومت جو سهڪار گهربل آهي.

وفاقي وزير چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ترجيح آهي، ٻين ادارن جيان ان شعبي کي به نئين دورن جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ پوندو ڇو ته جيڪي ادارا پاڻ کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ناهن ڪندا اُهي اهميت وڃائي ويهندا آهن، فلمي صنعت جي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ان ڏس ۾ سڌُ سماءَ واري جي شعبي فلم کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻايو پيو وڃي.

شبلي فراز جو چوڻ هو ته وزير اعظم جو ويزن آهي ته فلمن جي ذريعي پنهنجي ثقافت ۽ قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي ڇو ته فلم رڳو تفريح نه پر معاشرتي سڌاري ۽ تربيت جو سبب بڻجي ٿي، اسان کي فلمن جي ذريعي پنهنجي قومي ورثي ۽ ثقافت جي تحفظ سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ روشناس ڪرائڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.