ڪراچي: جونيئر ذوالفقارجي سياست ۾ پهرين انٽري،70 ڪلفٽن تي اڳواڻن سان ملاقات

پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو وڏي عرصي کان ملڪ کان ٻاهر رهڻ بعد آخرڪار پنهنجي ڏينهن موٽي آيو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڪالهه ڪراچي جي 70 ڪلفٽن واري گهر ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان پهريون ڀيرو ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ، ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ۽ سنڌ جي عوامي جي صورتحال بابت اڳواڻن کان تفصيلي ڄاڻ ورتي، ذريعن موجب پارٽي جي ڪارڪنن طرفان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کان مطالبو ڪيو ويو ته پارٽي بنا ليڊر جي هلي نٿي سگهي، ان ڪري توهان يا فاطمه ڀٽو پارٽي جون اچي واڳون سنڀاليو، ذريعن موجب جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڪارڪنن کان پڇيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ حڪومت جي باري ۾ ڇا ٿا چون، جنهن جي جواب ۾ ڪارڪنن جواب ڏنو ته سنڌ جا ماڻهو هن حڪومت مان خوش ناهن،ذريعن موجب جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايندڙ هفتي لاڙڪاني ويندو جتي هو پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.