حيدرآباد: وائيس آف مِسنگ پرسن پاران کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

وائيس فارمسنگ پرسن جي سڏ تي اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء احتجاجي مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ عورتن سياسي ڪارڪنن، متاثر خاندانن، اديبن، وڪيلن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مارچ جي اڳواڻي تاج جويو ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جو ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، وزير لاکو ايڊووڪيٽ ،اندرجيت لوھاڻو ايڊووڪيٽ، ڌڻي بخش سولنگي، مھراڻ ميراڻي جي امڙ سڪينا  ميراڻي ۽ ڀاء شاھجھان ، عبدالعزيز چانگ، امڙ عائشا خاتون، منصور جويو جو والد امير بخش جويو ۽ ٻيا شريڪ هئا ،تاج جويو۽ٻين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن سالن کان سنڌ مان قومي ۽ سياسي ڪارڪنن ، شاگردن ۽ پورھيتن کي زوري کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو جيڪو  عمل انساني، اخلاقي ،قانوني، آئيني ۽ عالمي ڏوھ آهي، هنن چيو ته سالن کان گم ڪيلن جا وارث روز جيئن ۽ مرن ٿا ۽ سخت پريشانين مان گزرن ٿا.هنن گھر ڪئي ته کنڀي گم ڪيلن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي جي مٿن ڪو الزام آھي ته ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.