سوڀوديرو ڀرسان واهن جي ڪپرن تي ٺاهيل غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ جو سلسلو شروع

ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن گمبٽ عشرت حسين ڀٽي جي نگراني ۾ سوڀوديرو پوليس  روينيو ۽ ايريگيشن عملو ساڻ ڪري سوڀوديرو لڳ ڳوٺ فتح محمد دربان ۽ ونگ شريف مان گزرندڙ گرڪڻو واھ جي ڪپرن سان گڏ غيرقانوني ٺھيل اڏاوتون ڪرين مشين زريعي  ڊاھي پٽ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، ايريگيشن ايس ڊي او عشرت حسين ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ ھي ڪاروائي ھاء ڪورٽ جي حڪم تحت واھن ۽ شاخن تان غيرقانوني ٺھيل اڏاوتون ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن،  ٻئي طرف بااثر ماڻھن جون غير قانوني  ٺھيل وڏيون اڏاوتون نہ ڊاھڻ تي غريب طبقي پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ،سندن چوڻ هو ته انتظاميہ پاران صرف غريبن جي روزگار ڪرڻ وارن اڏاوتن کي ڊاھڻ سان غريب طبقو متاثر ٿي ويو آھي ۔ هنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته ايريگيشن عملي جي ٻٽي معيار جو نوٽيس وٺي انهن سان انصاف ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.