پکو: سيد صابن شاهه بخاري جي عرس جون تقريبون شروع

پکي ۾ سيد صابن شاهه بخاري جي چئن ڏينهن واري عرص جون تقريبون شروع ٿي ويون

ميلي ۾ ھار سينگار، مٺائي ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن جڏهن ته ميلي ۾ ماڻھن جي تفريح لاءِ  ايراني سرڪس، جھولا ۽ چڙيا گھر لڳايا ويا جڏهن ته ميلي جي پھرئين ڌمال کي ڏسڻ لاءِ سوين ڳوٺاڻا ميلي مان لطف اندوز ٿي رھيا آھن، ميلي ۾ موجود دڪاندارن عوامي آواز ٽي وي سان پنهنجا ويچار ڪجھه هن ريت ونڊيا ….

ميلي ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملهھ مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي پھرين ۽ ٻئي جوڙ جي ملھه پهلوانن حصو ورتو ..

ملاکڙي ۾ پھرئين جوڙ جي روايتي حريف ارباب ڀٽي ۽ پھلوان چريو پنجابي ۾ سخت مقابلو ٿيو جنھن ۾ ارباب ڀٽي ٻنھي ملھن ۾ سوڀارو ٿيو جڏهن ته فاتح ملهھ پھلوانن کي گادي نشين فقير شاھنواز ميتلو انعام ڏنا ويا ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.