بوزداروڏا: مقتول محمد يوسف سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

مقتول محمد يوسف سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بوزدار وڏا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

بوزدار وڏا ڀرسان ڪجهه مهينا اڳ قتل ٿيل مقتول محمد يوسف سيال جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪنب پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول جي ڀاءُ محمد موسيٰ سيال پريس ڪلب بوزدار وڏا پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته ڪجھه مهينا اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ منهنجو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ ويو هو جتي سيال برادري جي بااثر ماڻهن گوليون هڻي منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو هو، هن چيو ته قتل ۾ ملوث روشن سيال، لطف سيال ۽ خادم سيال سر عام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

هن ايس ايس پي خيرپور  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

رپورٽ- ايم صفدر پنهيار

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.