چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: فاروق ستار، خواجا اظهار، وسيم اختر ۽ ٻيا بري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ نامزد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن وسيم اختر، رئوف صديقي، قمر منصور، خواجا اظهار الحسن ۽ فاروق ستار کي بري ڪيو ويو.

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي جي انت واري ڪمپليڪس ۾ خاص عدالت نمبر 10 چڙ ڏيارڻ واري تقريرن جي ٻن ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڊاڪٽر فاروق ستار، وسيم اختر، رئوف صديقي ۽ قمر منصور، خواجا اظهار الحسن کي بري ڪري ڇڏيو.

جوابدار جي خلاف 2015ع ۾ سهراب ڳوٺ پوليس ڪيس داخل ڪيا هئا، جڏهن ته جوابدارن بريت جو درخواستون داخل ڪري رکيون هيون جنهن کي عدالت منظور ڪيو. لطيف پاشا ايڊووڪيٽ موجب هڪ تقرير ٻڌي تي 23 ڪيس مختلف ٿاڻن ۾ داخل ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.