ملتان جلسو: پي ڊي ايم جي ڪارڪنن سموريون رنڊڪون ۽ تالا ٽوڙي اسٽيڊيم ۾ داخل

ملتان(ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) حڪومت کان اجازت نه ملڻ جي باوجود اڄ هر صورت ملتان ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي ۽ ڪارڪن رنڊڪون عبور اورانگهيندي جلسي گاهه پهچڻ پهچي چڪا آهن.

مقامي انتظاميا قلعو ڪهنا قاسم باغ اسٽيڊيم ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ٽرڪن ۽ ٽرالرن سان رنڊڪون بيهاري ڇڏيون هيون، ۽ هڪ هزار پوليس اهلڪار گهنٽا گهر چوڪ تي مقرر ڪري اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ کي سيل ڪيو ويو هو.

پوليس قاسم باغ اسٽيڊيم کي تالا هنيا ويا آهن، اسٽيڊيم مان سياسي اڳواڻن جا پينا فليڪس ۽ بينرز به لاٿا ويا آهن جڏهن ته چوڪ گهڻا گهر واري پاسي پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪري رنڊڪون بيهاريون ويون هيون.

ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ گهنٽا گهر چوڪ تي دڪان، واپار ۽ مرڪز ۽ ملتان ميٽرو بس سروس به بند رهندي، واپاري مرڪز بند ٿيڻ جي ڪري روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ڏهاڙي دار مزدرون کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

موبائيل سروس ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل:

مختلف ضلعن مان پنجاب پوليس جي ڳري نفري کي به طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ رٻڙ جون گوليون به گهرايون ويون آهن.

ٻئي پاسي پي ڊي ايم قيادت جو چوڻ آهي ته حڪومت چاهي جيتريون به رنڊڪون بيهاري ۽ جيتريون به گرفتاريون ڪري ڪهنا قاسم باغ ۾ جلسو ٿي رهندو ۽ جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ گيلاني هائوس جي ٻاهران سائونڊ سسٽم وارو ٽرڪ به پهچايو ويو آهي پر پوليس گيلاني هائوس جي ٻاهران ڪنٽينر لڳائي رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن.

ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي جنهن جي ڪري شهرين کي سخت ڏکين کي منهن ڏنو آهي.

ڪارڪن تالا ٽوڙي قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ داخل:

ملتان شهر ڏانهن ايندڙ سمورن رستن تي به ڪنٽينر بيهاريا ويا هئا ۽ رڳو گاڏين کي چيڪنگ کان پوءِ شهر ۾ اچڻ جي اجازت هئي پر آءِ جي پنجاب پوليس طرفان ريلين جي رستي ۾ بيٺل سموريون رنڊڪون هٽائڻ واري حڪم کان پوءِ پوليس سموريون رنڊڪون هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيون جنهن کان پوءِ پي ڊي ايم جا ڪارڪن به پنهنجي مدد پاڻ جي تحت رنڊڪون هٽائيندي جلسي گاهه پهچڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪارڪن هڪ ڀيرو ٻيهر باغ اسٽيڊيم جا تالا ٽوڙي اندر گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا.

آصفه ڀٽو زرداري به گيلاني هائوس کان جلسي کان پهچي چڪي آهي.

مريم نواز:

مريم نواز جاتي امرا کان قافلي جي صورت ۾ ملتان جي لاءِ رواني ٿتي وئي آهي، سينيٽر پرويز رشيد ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب به هن سان گڏ آهي.

ملتان روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته پنهنجا ذاتي ڏک ڇڏي ميان نواز شريف جي هدايت تي قوم جي ڏک سور ۽ تڪليف ۾ شرڪر جي لاءِ وڃي رهي آهيان.

سندس چوڻ هو ته ان وقت ميان صاحب ۽ منهنجي فيملي جا ٻيا ماڻهو ناهن ۽ ماڻهو تعزيت لاءِ به اچي رهيا آهن، هر ماڻهو جي ڪوشش هوندي آهي ته اهڙي موقعي تي هو پنهنجي وارثن سان گڏ هجن، ۽ شايد آئون به ملتان جلسي ۾ شرڪت نه ڪيا پر جهڙي طرح انهن ماڻهن ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي ۽ ظلم ڪيو آهي اُهو مون کي ملتان ڇِڪي پئي آڻي.

پي ڊي ايم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جون گرفتاريون:

پي ڊي ايم جي اڄ ملتان ۾ ٿيندڙ جلسي کان اڳ بهاول نگر ۾ ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ف جي 37 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي ملتان جي لوهاري گيٽ ٿاڻي جي پوليس قاسم باغ اسٽيڊيم تي حملي ۽ قبضو ڪندڙ 80 ڄڻا نامزد ۽ 1800 اڻڄاتل ماڻهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي.

نامزد جوابدارن ۾ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ هن جي چئني پٽن، جمعيت علماءِ اسلام جي عبدالغفور حيدري، جاويد هاشمي جي ناٺي زاهد بهار هاشمي ۽ عبدالرحمان ڪانجو به شامل آهي.

پوليس علي قاسم گيلاني، زاهد بهار هاشمي ۽ سعد ڪانجو سميت 70 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته علي قاسم گيلاني کي هڪ مهيني لاءِ جيل موڪليو ويو آهي.

ان کان سواءِ صوبي جي مختلف شهرن ۾ به مخالف ڌر پارٽين جي ڪارڪنن جي سلسلو جاري آهي.

ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙي جلسي گاهه پهچن مولانا فضل الرحمان:

پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به ملتان ۾ مدرسي خير العلوم پهتو جتان هو ريلي جي صورت ۾ جلسي ڏانهن روانو ٿيو.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جيستائين ملتان ۾ جلسو نه ٿيندو هِتان نه وينداسين، جلسي ٿيڻ تائين ملتان ۾ ئي ديرا ڄمائينداسين.

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريڪٽ موومنٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ  اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته هر صورت ملتان ۾ جلسو ٿيندو، ڪارڪن رنڊڪون توڙ جلسي گاهه پهچن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪا طاقت ملتان جي جلسي کي روڪيندي ته عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.