خيرپور لڳ نينگري قتل، جوابدر لاش اسپتال ۾ ڦٽو ڪري فرار

خيرپور (  ڊر ) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالم خان گوپانگ ۾ نامعلوم جوابدارن 13 ورهين جي نيگري ڪومل گوپانگ کي قتل \ڪري سندن لاش سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي جي وارڊ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا ان سلسلي  ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيگري ڪومل جو پيءَ ۽ ماءُ فوت ٿي ويا آهن کيس ڀاءُ وغير  ڪونه هو نيگري مامن جي گهرن ۾ رهندي هئي سندس ماما ڪنهن ڪم سانگي گهر کان ٻاهر هئا ته نيگري کي نامعلوم هٿيار بند قتل ڪري سول اسپتال خيرپور جي ايمرجسني وارڊ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا سول اسپتال جي انتظا ميا اهڙو اطلاع پوليس ۽ ميڊيا کي ڏنو جو حد جي پوليس ۽ صحافي اسپتال جتي اسپتال جي انتظاميا ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهون نيگري جو لاش اڇلائي ڀڄي ويا آهن ايتري ۾ ڪومل جا ماما ۽ ٻيا وراث سول اسپتال خيرپور پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪري پوسٽ مارٽم بعد نيگري جو لاش ڳوٺ عالم خان گوپانگ روانا ٿي ويا .هوڏانهن اهڙي واقعو جو ايس ايس پي خيرپور سخت نوٽيس وٺندي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس کي حڪم ڪيو آهي ته نيگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن  کي جلد گرفتار ڪري ۽ رپورٽ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.