شادي کان پوءِ خبر پئي ته مون ۾ اداڪاريءَ جي صلاحيت به آهي: حرا ماني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي جي مشهور اداڪارا حرا ماني چيو آهي ته مثالي ماءُ بلڪل به نه هيس پر وقت سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيو. يوٽيوب چينل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ حرا ماني چيو ته آئون ننڍپڻ کان ئي هيروئن هيس، مون کي لڳندو هو ته هڪ خوابن جو شهزادو هوندو آهي، جيڪو اوچتو ملندو آهي، جڏهن ڪنهن جي شادي ٿيندي هئي ته پنهنجي خوابن جي شهزادي کي ڳوليندي هيس، جڏهن مون کي اهو خوابن جو شهزادو ملي ويو ته ان سان شادي ڪري ڇڏي. ماني کي ڏينهن رات هڪ ئي ڳالهه چوندي هيس ته مون سان شادي ڪر، شادي واري ڏينهن به ايتري ڊنل هيس جو لڳي رهيو هو ته منهنجي شادي ناهي ٿي رهي، شادي کان پوءِ خبر پئي ته مون ۾ اداڪاريءَ جي صلاحيت به آهي.

هن چيو ته خدا جڏهن عورت کي اولاد ڏيندو آهي ته ان جي دل وڏي ٿي ويندي آهي، اوهان ٻار جي ڏک سک کي سمجهڻ سکندا آهيو، جڏهن ماءُ بڻيس ته سڀ ڪجهه سکيو، آئون مثالي ماءُ بلڪل نه هيس، سڀ ڪجهه وقت سيکاريو آهي، جڏهن اوهان کي وقت سيکاريندو آهي ته ان ۾ پختگي هوندي آهي. آئون پنهنجن ٻارن کان سکيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.