”مريم کي بهترين سيل ڏنو هو، هن وي آءِ پي جيل ڪاٽيو“

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي جيل خانه جات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي بهترين سيل ڏنو هو ۽ هن وي آءِ پي جيل ڪاٽيو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فياض چوهاڻ چيو ته جيل جا معاملا بهتر ڪرڻ جي لاءِ سرپرائز دوري ڪيا آهن، اسان جيلن ۾ قيدين کي سٺي معيار جو کاڌو ۽ ناشتو ڏيڻ واري پاليسي آڻي رهيا آهيون.

هن چيو ته جيل ۾ اسيرن کي 5 نمبرن تان ڳالهائڻ جي اجازت هوندي آهي ۽ ڇهون نمبر منهنجو هوندو، منهنجي نمبر تي قيدي پنهنجون شڪايتون ٻڌائي سگهندا، ڪو به قيدي سڌو سنئون وزير جيل خانه جات کي فون ڪري سگهندو.

فياض چوهاڻ جو چوڻ هو ته مريم نواز کي ڪوئن ۽ فنگس وارو کاڌو ٻن سالن کان پوءِ پيو ياد اچي، هن وي آءِ پي جيل ڪاٽيا، هاڻ اهڙن بيانن سان پاڻ کي ننڍڙو پيا ڏيکارين، جيل ۾ بيگم صفدر سي ڪلاس ڪيٽيگري ۾ هئي ۽ هن کي بهترين سيل ڏنو ويو، هن جي سيل ۾ الڳ سان ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ عورت اهلڪار مقرر هئي جڏهن ته سيل يج سامهون لان هو ۽ هن کي 24 ڪلاڪ اُتي وڃڻ جي اجازت هئي، هن کي چلهو پڻ ڏنو ويو هو.

جيل خانه جات واري وزير مشورو ڏنو ته جهڙي طرح بلاول بختاور جي مڱڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ٽيسٽ ڪرائي، مريم نواز به ڏاڏي جي ڪفن دفن کان پهرين ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي، مثبت اچي ته آئسوليشن ڪري جيئن سڀني کي سڪون ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.