لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) شريف فيملي جي چوڌري شگر ملز جي خلاف جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو.
نيب موجب چوڌري شگر ملز ۾ نواز شريف، مريم صفدر ۽ ٻين جي خلاف جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي جڏهن ته جاچ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي تحت نيب ابو ظهبي ۽ دبئي ۾ موجود آفيسن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.
نيب موجب جاچ پنجاب ۾ موجود چوڌري شگر ملز جي خلاف ڪئي پئي وڃي، چوڌري شگر ملز شريف خاندان جي ملڪيت آهي ان سلسلي ۾ شگر ملز مالڪن کي لکت ۾ بيان پيش ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
نيب جو چوڻ آهي ته نيب لاهور طرفان شگر ملز مالڪن کي 7 ڊسمبر تي لکت واري جواب سميت پيش ٿيڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو آهي.