مومل جي ماڙي: گهوٽڪي جي ملن ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

گهوٽڪي ۾ موجود ملٽي نيشنل ڪمپنين , ڪارخانن سان گڏ شگر مل جي انتظاميه به مقامي ماڻهن سان ويڌن ڪندي کين نظر انداز ڪري سوين ڌاريا ملازم ڀرتي ڪري ڇڏيا , جنهن خلاف مقامي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو , ان موقعي ته پورهيتن ڪامريڊ ثناء الله ڀٽو , محمد يوسف , لياقت بوزدار , قربان ۽ ٻين مومل جي ماڙي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته گهوٽڪي جي سردار غلام محمد شگر مل انتظاميه مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي ڀرٿي ڪري رهي آهي، هنن چيو ته شگر مل انتظاميه 12 سالن اندر علائقي ۾ ڪابه سهولت ناهي ڏني , روڊ رستا پڻ تباھ بڻيل آهن , هنن چيف جسٽس , سيشن جج , سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته مقامي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ ملز انتظاميه خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مقامي نوجوانن کي روزگار ڏياريو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.